آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج مظاهرو

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊويزنل چيئرمين انور حسين چانڊيو ۽ اڳواڻي ۾ پراڻي نوابشاهه منوآباد کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، جتي اڳواڻن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڊويزنل چيئرمين انور حسين چانڊيو، علي اصغر خاصخيلي، مير محمد لکھمير، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته واپڊا جي نجڪاري وارو فيصلو جلد کان جلد واپس ورتو وڃي، ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن کي پيپڪو تحت ريگيولر ڪيو وڃي، بجلي کي قيمتن ۾ ڪمي ڪئي وڃي، ملازمن جي پگھارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، ڀرتي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، حفاظتي سفارش تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن حادثن ۾ ڪمي اچي سگھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

ٻيٽن واري معاملي تي ڌرتي ڌڻين جي سخت رد عمل کان پوءِ سنڌ حڪومت لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو

Read Next

دادو : چهلم جي ڏهاڙي تي امام بارگاهن مجلسن جي حفاظت لاء سخت سيڪورٽي سخت ڪئي ويندي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر

Most Popular