دادو : چهلم جي ڏهاڙي تي امام بارگاهن مجلسن جي حفاظت لاء سخت سيڪورٽي سخت ڪئي ويندي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر

دادو : ضلعي اندرحضرت امام حسين عليه والسلام جي چهلم جي موقعي تي سيڪورٽي جا انتظام مڪمل ڪنٽرول هيٺ رکڻ لاء ڪيا ويا آهن اهڙواظهار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرادادو نظيراحمد سومرو جي  صدارت هيٺ  ڊي ايس آر رينجريس ، ڊي آئي بي انچارج  ۽  اهل تشيح  اڳواڻ  سيد فداحسين شاه سان  گڏجاڻي ۾ ڪيو گڏجاڻي کي   ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرادادو مخاطب ٿيندي  چيوته چهلم جي ڏهاڙي تي دوران امام بارگاهن ۾ ٿيندڙ  مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي حفاظت لاء سخت سيڪور ٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جا ضلعي انتظاميه پاران ڏنل  پرمٽ روٽ ساڳيا هوندا ان ۾  شرڪت ڪندڙن عزادارن جي مڪمل تلاشي وٺڻ بعد داخل ڪيوويندو ۽ هرماڻهو جي سختي سان تلاش ورتي ويندي   جنهن لاء ۽ اهل تشيح جي علما اڪرام کي گهرجي ته هوبه دادوضلعي جي  پوليس انتظاميه سان سهڪارڪن ان لاء علما اڪرام ۽ ذاڪرين انتشار پکيڙيندڙ تقريرون ڪرڻ کان پاسو ڪن جنهن سان ڪنهن به مذهبي ماڻهن جي دل آزاري نه ٿئي ضلعي اندرلائوڊ اسپيڪر جي استعمال ڪرڻ تي مڪمل پابندي عائد ڪئي وئي آهي ۽ خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ سڄي ضلعي اندر ماتمي جلوسن جي نگراني وڊيورڪارڊنگ ذريعي ڪئي ويندي ۽ هٿيارن جي نمائش  تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ڪنهن به شيڊول جي خلاف ورزي ڪئي ته ان جي خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي

Read Previous

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج مظاهرو

Read Next

خيرپور: فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ملڻ ڪري ملازم اسين پريشان آهيون: سنڌ ايريگيشن اڳواڻ

Most Popular