خيرپور: فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ملڻ ڪري ملازم اسين پريشان آهيون: سنڌ ايريگيشن اڳواڻ

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن سنڌ جي مرڪزي سڏ تي آبپاشي کاتي جي ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي فقير محمد اعظم، غلام مصطفيٰ شر، سيد دين محمد شاهه، وقار ڀٽو، شاڪر مسرور، محمد حسين شر، جاويد منگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آپباشي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ملڻ ڪري ملازم سخت پريشانين جو شڪار آھن، مسئلن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايريگيشن جي صوبائي وزير کي ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي، جنهن بعد مايوس ٿي مرڪزي سڏ تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي ريلين ۽ مظاهرن جي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، جيڪو مرحليوار جاري رهندو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ايريگيشن ملازمن جا بنيادي ۽ جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪري سي ايم هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

Read Previous

دادو : چهلم جي ڏهاڙي تي امام بارگاهن مجلسن جي حفاظت لاء سخت سيڪورٽي سخت ڪئي ويندي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر

Read Next

خيرپور : ڪاليجن ۾ آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري جي داخلا جي تاريخ وڌائي وئي آهي: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد

Most Popular