خيرپور : ڪاليجن ۾ آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري جي داخلا جي تاريخ وڌائي وئي آهي: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت هيٺ يونيورسٽي جي انسپيڪٽر آف ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشنز جي آفيسرن جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انسپيڪٽر آف ڪاليجز نظير احمد منڱڻيجو بريفنگ ڏيندي ڄاڻايو ته ڪورونا وائرس جي شدت ۾ گھٽتائي بعد يونيورسٽي جا لاڳاپيل ڊگري ڪاليجز کلي ويا آهن. ڪاليجن جي رهيل الحاق فيس جي ريڪوري جو مرحلو جاري آهي. ان کان علاوه آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري جي داخلا جي تاريخ وڌائي وئي آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو انسپيڪٽر آف ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته هو هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار مطابق نون ڪاليجز سان الحاق ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ شرائط ۽ ضوابط طئي ڪيا وڃن ۽ مايڪٽ جي مناسبت سان مختلف علائقن ۾ يونيورسٽي جا نوان اسٽڊي سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي سندن ويجھڙائي وارن علائقن ۾ تعليم ملي سگھي. انسپيڪٽر آف ڪاليجز وائيس چانسلر کي خاطري ڪرائي ته هو 15 ڏينهن ۾ هڪ جامع منصوبو تيار ڪري ڏيندو. ٻيو اجلاس انچارج ڊائريڪٽر ايڊميشنز شاهد حسين مهر ۽ سندس آفيسرن سان منعقد ٿيو. ان موقعي تي انچارج ڊائريڪٽر ايڊميشنز آگاهي ڏيندي چيو ته يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آن لائن داخلا جو مرحلو تعليمي سال 2021 لاءِ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي آخري تاريخ 26 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي. بيچلر پروگرام جي داخلا ٽيسٽ 12 نومبر، جڏهن ته ماسٽرز پروگرام جي داخلا ٽيسٽ 13 نومبر تي منعقد ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو انچارج ڊائريڪٽر ايڊميشنز کي هدايت ڪئي ته داخلا جي مرحلي ۾ وڌيڪ شفافيت آندي وڃي. ان موقعي تي داخلا جي عمل جي نگراني لاءِ سڀني فيڪلٽين جي ڊينز تي مشتمل ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. اجلاسن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار ۽ عطا الله ڦلپوٽو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن شرڪت ڪئي.

Read Previous

خيرپور: فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ملڻ ڪري ملازم اسين پريشان آهيون: سنڌ ايريگيشن اڳواڻ

Read Next

عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي مان عوام مايوس آهي: کيئل داس ڪوهستاني

Most Popular