عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي مان عوام مايوس آهي: کيئل داس ڪوهستاني

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اقليتي اڳواڻ  ايم اين اي  کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي مان عوام مايوس آهي، شهباز شريف تي لڳايل الزام ثابت ناهن ڪيا ويا،  عمران خان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ شهباز شريف جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ا ن لاءِ عمران خان نفرت  جي سياست ڪري رهيو آهي،  آئين  کي بچائڻ ۽ عوام جي ڳالهه ڪرڻ  بغاوت آهي تو  اسان باغي آ هيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾  (ن) ليگ  ضلعي سکر  طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي  ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو تقريب ۾ (ن)   ليگ لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر احسان سومرو، سکر ڊسٽرڪٽ جي صدر خورشيد احمد ميراڻي، نائب صدر آغا  عارف دراني، حافظ شير محمد الرو، منارٽي ونگ جي اڳواڻ  وشال پلياني، لائرز ونگ جي صوبائي سينئر نائب صدر صدام ٿيٻو،  سکر ڊويزن    جي جنرل سيڪريٽري امداد بلو، ڊاڪٽر وشن داش، مڪيش ڪمار، شاهد  عباسي، فرح ديبا بلوچ، عبدالفتاح ابڙو، شيخ نظام جان، فهيم گرگيج، خالد آرائين، چوڌري عبدالمجيب ڪمبوهه، چوڌري مجاهد، انفارميشن سيڪريٽري گل حسن کوسو  ، عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، کيئل داس ڪوهستاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسحاق ڊار جي دور ۾ ڊالر 100  تي  هو، اڄ ان کي باغي قرار ڏنو ويو آهي، جن جي  دور ۾ ڊالر 165  تي پهتو، اهي محب وطن ٿي ويا،  ووٽ کي عزت ڏيو تحريڪ هاڻي  سياسي پارٽين جي تحريڪ بڻجي وئي آهي،  راڻا ثناءُ الله  کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس  ۾ ڦاسايو ويو، شهباز شريف کي زمين تي رکي کاڌو ڏنو پيو وڃي، پاڪستان جو خادم اڄ پي ٽي آءِ جي سياسي انتقامي نشاني تي آهي،، 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ شاندار جلسو ڪوٺايو ويندو،،جڏهن ته  18 آڪٽوبر  تي مريم نواز ڪراچي اچي رهي آهي،

Read Previous

خيرپور : ڪاليجن ۾ آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري جي داخلا جي تاريخ وڌائي وئي آهي: وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد

Read Next

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سيپڪو هائوڊور يونين پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular