ڳڙهي خيرو: اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي نمازه جنازه شهلياڻي رائيس مل گرائونڊ تي ادا

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي نمازه جنازه شهلياڻي رائيس مل گرائونڊ تي ادا ڪري پنهنجي ابائي قبرستان محرابپور ۾ تدفين ڪئي وئي خبر موجب اڳوڻي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير مير غلام محمد شهلياڻي جي گهرواري ۽ پ پ پ تعلقه صدر مير عامر خان شهلياڻي ۽ اڳوڻي ايم پي اي گوهر خان شهلياڻي جي والده  مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي, مرحومه جي نماز جنازه شهلياڻي رائس مل گرائونڊ ڳڙھي خيرو ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ سياسي, سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي.جنهن بعد مرحومه کي اباڻي ڳوٺ محرابپور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو, جڏهن تي سياسي سماجي ڪارڪنن, شهرين ۽ لائقي جي معززين پاران شلهياڻي هائوس تي پهچي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

Read Previous

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سيپڪو هائوڊور يونين پاران احتجاجي مظاهرو

Read Next

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج مظاهرو

Most Popular