نيو سعيد آباد: مخدوم جليل الزمان جي باعزت آزاد ٿيڻ تي خوش ۾ ريلي

نيو سعيدآباد (رپورٽ جبار عمراڻي  ) نيب پاران ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل    اڳوڻي تعلقا ناظم هالا  مخدوم جليل الزمان جي باعزت آزاد ٿيڻ تي نيو سعيدآباد تعلقي ۽سٽي سروري جماعت ۽ پ پ پ جي ڪارڪنن خوشي ۾نيوسعيدآباد ۾ محترمه بينظير ڀٽو چوڪ کان ريلي ڪڍي جيڪا مسجد اقصيٰ وٽ ختم ٿي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڪارڪنن ۽ مريدن خوشي ۾ جھمريون ھنيون ۽ مٺايون پڻ تقسيم ڪيون ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن بابو رازق ڏنو هموپوٽو ڪريمڏنو ڪاڪا لقمان راجپوت وارث ڪوري غلام مصطفيٰ سهبچو صوفي نظيرالدين ملاح رئيس اسرار جمالي سائل سروري غلام شبير مٺو ملاح عبدالرحمان پٺاڻ علي شير ڪيريو مظھر ڏاهري عزيز ڪاڪا عطا محمد جمالي قاسم ابڙيجو سيف الله لاکو لقمان ڪاڪا زاهد ڪاڪا عبدالجبار عمراڻي محسن ڏاهري شمس ڇڇر طارق  ڪاڪا واجد ڪاڪا وڏيرو قاسم ابڙيجو علي خان لاکو خان دل سائين بچل ابڙيجو  شبير حاجاڻو قادر لاکو جاويد عباسي غلام مصطفي سھبجو چيو ته مخدوم خاندان تي الزام ڪوڙا ثابت ٿيا وفاقي حڪومت بوکلاھٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي جيڪا نيب جو سھارو وٺي ڪيس داخل ڪرائي اسان جي دل رنجائي آھي مخدوم خاندان ھميشا وڏين ڪرسين ۽ لالچن کي ٺڪرايو آ ھنن چيو ته اسان کي عدليا مان اھا ئي اميد ھئي ته اسان جي مرشد سان انصاف ٿيندو ريلي بعد ۾ سڄي تعلقي جو چڪر لڳايو هرهنڌ جيئي ڀٽو جيئي مخدوم خاندان جا نعرا هنيا ويا.

Read Previous

ٽنڊوالهيار ؛ سنڌ ايريگيشن متحده فڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڪيريا شاخ تي سوين مزدورن جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

سيوهڻ شريف : ڳوٺ نواب خان رنگ لڳ جهانگارا عورت فرزانا انصاف جو مطالبو ڪندي

Most Popular