ٽنڊوالهيار ؛ سنڌ ايريگيشن متحده فڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڪيريا شاخ تي سوين مزدورن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايريگيشن متحده فڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڪيريا شاخ تي سوين مزدورن جو احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مرڪزي اڳواڻ محمد عباس پهنور . الله بخش خاصخيلي . فيروز علي شاه . محمد علي دل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان ننڍي ملازمن کي پنهنجا جائز حق نٿا ملن تنهنڪري مجبور ٿي روڊن تي اچي ويا آهيون موجوده حڪومت اسان ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت اسان جا جائز مطالبا سن ڪوٽا . گروپ الائونس . فوتي ڪوٽا . آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر ان ڳالهه تي اڃان تائين ڪو به عمل نه ڪيو ويو جنهن سبب اسان اڄ روڊن تي آهيون هنن چتاء ڏنو ته اسان جا مطالبا نه مڃا ويا ته ڪم ڪار ڇڏي پنهنجي حقن لاء احتجاجي تحريڪ هلائينداسين

Read Previous

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج مظاهرو

Read Next

نيو سعيد آباد: مخدوم جليل الزمان جي باعزت آزاد ٿيڻ تي خوش ۾ ريلي

Most Popular