سيوهڻ شريف : ڳوٺ نواب خان رنگ لڳ جهانگارا عورت فرزانا انصاف جو مطالبو ڪندي

سيوهڻ شريف (محمد حنيف شاهاڻي ) يوهڻ جي ڀرسان ڳوٺ نواب خان رند لڳ جهانگارا جي رهواسڻ نالي مسڪين عورت فرزانا زال رضامحمد رند ، ڌيء پسند رند جنهن جي مڙس رضا محمد رند کي سيوهڻ ڪورٽ جي اڳيان اغوا ڪيو ويو هو ، جنهن عورت فرزانا روينيو سيوهڻ جي سپروائيزر نالي امداد علي رند ، ممتاز علي رند ، شفيق رند ۽ رفيق رند جن جي مٿان  پنهنجو شڪ ڄاڻائي ۽ سندس زمين تي قبضا ڪندڙن ۽ موت مار ڌمڪين ملڻ جي خلاف اڄ قلندري پريس ڪلب سيوهڻ ۾ پنهنجي ننڍڙن ٻچڙن سان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو۔تفصيل موجب اڄ سيوهڻ ۾ ڳوٺ نواب خان رند جي رهواسڻ مسڪين عورت فرزانا زال رضا محمد رند لڳ جهانگارا جنهن پنهنجي ننڍڙن ٻچڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته  سيوهڻ مختيارڪار آفيس جو سپر وائيزر رئيس امداد علي رند ۽ ممتاز علي رند ، شفيق رند ، رفيق رند ۽ ارشاد رند جيڪي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين جيڪا اسان جي پنهنجي کاتن جي زمين آھي ۽  سندس پيء مرحوم فتح محمد رند پڻ انهن کاتن ۾ شاهد آھي ۽ مٿيان ماڻھون هاڻي منهنجي زمين جو کاتو مٽائڻ ٿا چاهين ۽ منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين انهي زمين جو ڪيس مون پڻ سيوهڻ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايو آھي جيڪو ڪيس ايڊيشنل ڪورٽ سيوهڻ ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ مسڪين عورت فرزانا رند صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته انهي ڪيس ۾ سيوهڻ ڪورٽ سڳوريء جي سڏ تي تاريخ 6 آڪٽومبر 2020 تي مان ۽ منهنجو مڙس رضامحمد رند گڏجي سيوهڻ ڪورٽ ۾ آيا هئاسين بعد ۾ حاضري ٿيڻ کان پوء اسان جڏهن ڪورٽ مان ٻاهر نڪتاسين ته ڪورٽ جي ٻاهران هڪ اڇي رنگ جي ڪار پرومو جنهن جا چارئي ڪارا شيشا هئا جنهن ۾ 4 ماڻھون ويٺل هئا جن زوري ڪري کنڀي منهنجي مڙس کي اغوا ڪري گاڏيء ۾ کڻي هليا ويا ، جنهن تي مان ڪورٽ جي ٻاهران دانهون ڪندي رهنديس پر ڪنهن به منهنجي دانهن ڪانه ٻڌي، وڌيڪ مسڪين عورت فرزانا اعلا اختيار ادارن چيف جسٽس آف پاڪستان ، وزير اعلا سنڌ ، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ڄام شورو ۽ ڊي ايس پي سيوهڻ کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آھي ته اغوا ٿيل منهنجو مڙس رضا محمد رند مون کي انهن ظالمن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ۽ هنن ظالمن جي قبضي هيٺ آيل زمين مون کي آزاد ڪرائي ڏئي مون سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ مان مجبورن هي پنهنجا ننڍڙا ٻچڙا وٺي مين روڊ تي انصاف خاطر پنهنجو پاڻ ساڙينديس۔

Read Previous

نيو سعيد آباد: مخدوم جليل الزمان جي باعزت آزاد ٿيڻ تي خوش ۾ ريلي

Read Next

ڳوٺ نواب جو بنگلو واسي پورهيت موٽر سائيڪل خراب ٺهرائڻ خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular