نوابشاهه : شهيد بينظير آباد جي ايريگيشن کاتي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) شھيد بينظيرآباد ضلعي جي ايريگيشن کاتي جي داد ڊويزن ۽ نصرت ڊويزن جي ملازمن پاران ايريگيشن آفيس کان پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ صوبائي جنرل سيڪريٽري راڻو خان جتوئي، حنيف ڪورائي، جعفر زرداري ۽ بشير لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي ملازمن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ملازمن جا جائز مطالبا سن ڪوٽا، صحت ڪارڊ ۽ ريٽائرمنٽ سميت ٻيا ڪيترائي جائز مطالبا آھن ۽ ڪافي عرصي کان احتجاج ڪرڻ جي باوجود اسان جا جائز مطالبا نٿا مڃيا وڃن، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

ميرپور خاص: سنڌ ۾ سوا 4 لک ايڪڙ زمين مان پاڻي نيڪال ڪري چڪا آھيون : صوبائي وزير سهيل انور سيال

Read Next

مٽياري: عمران خان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان سرڪاري ملازمن جا به حق کسيا ويا آهن: آل پاڪستان ڪلارڪ ائسوسيئيشن

Most Popular