مٽياري: عمران خان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان سرڪاري ملازمن جا به حق کسيا ويا آهن: آل پاڪستان ڪلارڪ ائسوسيئيشن

مٽياري : آل پاڪستان ڪلارڪ ائسوسيئيشن سنڌ جي سپريم ڪائونسل جو اجلاس ڊائريڪٽر ايجوڪيشن آفيس ۾ ٿيو جنهن جي صدارت صوبائي صدر آپڪا اسدﷲ دراني ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي مڙني ضلعن مان ضلعي صدرن، جنرل سيڪريٽرين ۽ ٻين عهديدارن وڏي انگ ۽ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ خطاب ڪندي صوبائي صدر جو چوڻ هو ته جڏهن کان عمران خان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان سموري ملڪ جي عوام سان گڏ سرڪاري ملازمن جا به حق کسيا ويا آهن هن چيو ته هي واحد حڪومت آهي جنهن سرڪاري ملازمن جي پگهارون وڌائڻ بدران گهٽايا آهن، حڪومت پنج فيصد پگهارون وڌائي ۽ وري ٽيڪس جي مد ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي هن چيو ته اسانکي خبر پئي آهي ته هاڻ وري وفاقي حڪومت ملازمن جي پينشن به ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي جنهن خلاف اسان پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رھيا آھيون جنهن سلسلي ۾ 14 نومبر تي پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ مان به وڏي انگ ۾ ڪلارڪ شرڪت ڪندا.

Read Previous

نوابشاهه : شهيد بينظير آباد جي ايريگيشن کاتي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

مٽياري: ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ملازمن پاران پگهارن جي بندش خلاف ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي مظاهرو

Most Popular