ميرپور خاص: سنڌ ۾ سوا 4 لک ايڪڙ زمين مان پاڻي نيڪال ڪري چڪا آھيون : صوبائي وزير سهيل انور سيال

ميرپورخاص (شاهزيب خاصخيي) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سھيل انور سيال چيو آھي تہ سانوڻي جي برساتن سبب سانگھڙ،  ميرپورخاص،  عمرڪوٽ ۽ بدين جي 5 لک ايڪڙ زمين پاڻي ھيٺ ھئي، جنھن مان سوا 4 لک ايڪڙ زمين مان پاڻي نيڪال ڪري چڪا آھيون،  اھڙو اظھار ھن ڪالھ نارا ڪينال جي ڊائريڪٽر آفيس ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو تہ برساتي پاڻي جي نيڪال لاء ڏينھن رات ھڪ ڪري ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پر پاڻي جي نيڪال ۾ تمام گھڻن مسئلن کي منھن ڏئي رھيا آھيون جنھن ۾  ڪميونٽي جا تڪرار، پاڻي نيڪال لاء رستو نہ ڏيڻ، مقامي ماڻھن طرفان پاڻي جي نيڪال لاء رستو نہ ڏيڻ لاء عدالت سڳوري مان اسٽي وٺڻ شامل آھن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو تہ شھرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ روينيو ۽ ميونسپل کاتي جو آھي پر آبپاشي کاتي اھو ڪم بہ سر انجام ڏنو آھي. سھيل انور سيال چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري برساتي پاڻي نيڪال واري مسئلي جي مستقل حل لاء  وڏي وزير کي ھدايتون ڏنيون آھن ۽ چيو آھي تہ جيڪڏھن سنڌ حڪومت وٽ فنڊ نہ ھجن تہ عالمي بئنڪ سميت قرض ڏيندڙ ادارن سان ڳالھائي مسئلو حل ڪيو وڃي. صوبائي وزير انجنيئرن کي ھدايت ڪئي تہ پاڻي جا قدرتي وھڪرا بحال ڪرائين ۽ پاڻي جي نيڪال لاء اسڪيمون ٺاھيون وڃن تہ جيئن وڌيڪ پوندڙ برساتن جو پاڻي محفوظ نموني سمنڊ ۾ نيڪال ٿي وڃي. صوبائي وزير سھيل انور سيال وڌيڪ چيو تہ آڪٽوبر جي آخر تائين سمورو برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ سمورن انجنيئرن کي ھيڊ ڪوارٽرز نہ ڇڏڻ ۽ پاڻي جي نيڪال کي سمورا وسيلا استعمال ڪري جلد کان جلد نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪوتاھي جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪرڻ جو چتاء ڏنو. ان کان اڳ گڏجاڻي ۾ نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر منصور احمد ميمڻ چيو تہ سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ 3 ھاٽ اسپاٽ ھئا جتي پاڻي گڏ ٿيل ھو ۽ نيڪال جو رستو نہ ھو جنھن ۾ روشن آباد ۽ نئون ڪوٽ ۽ ٽنڊو جان محمد شامل آھن جنھن مان روشن آباد پاڪيٽ مان پاڻي نيڪال ٿي ويو آھي جڏھن تہ رھيل ٻن پاڪيٽس ۾ 40 کان وڌيڪ مشينون ناليون کوٽي پاڻي جي نيڪال جو رستو ٺاھي رھيون آھن جنھن ۾ مقامي ماڻھن طرفان پنھنجي زمين مان پاڻي جي نيڪال جو رستو نہ ڏين توڙي سڀ کان اڳ ان جي زمين مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي مطالبي سبب پريشاني ٿي رھي آھي، جنھن جي حل لاء ڊي سي سان ڳالھائي رينجرس جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آھن تہ جيئن پاڻي جي نيڪال جو رستو نہ ڏيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگھجي. منصور احمد ميمڻ وڌيڪ چيو تہ سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جو پاڻي ڳنڍيل آھي ان ڪري پاڻي کي رستو ملندو تہ پاڻي سمورن ضلعن مان نيڪال ٿي ويندو.  منصور ميمڻ وڌيڪ چيو تہ روينيو کاتي طرفان ڍورن جون زمينون ليز ذريعي زراعت لاء ڏيڻ سبب بہ مقامي ماڻھو پاڻي جي نيڪال جو قدرتي رستا بند ڪري ويٺا آھن. چيف انجنيئر ظريف کھڙو چيو تہ سم نالا ھاڻي پاڻي کڻي رھيا آھن جتي پاڻي جو قدرتي نيڪال نہ آھي اتي لفٽ مشينون ھڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي. گڏجاڻي ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا ولي محمد نائچ، چيف انجنيئرن شرڪت ڪري بريفنگ ڏني

Read Previous

ڳوٺ نواب جو بنگلو واسي پورهيت موٽر سائيڪل خراب ٺهرائڻ خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

نوابشاهه : شهيد بينظير آباد جي ايريگيشن کاتي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular