مٽياري: ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ملازمن پاران پگهارن جي بندش خلاف ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي مظاهرو

مٽياري . (رپورٽر)ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ملازمن پاران پگهارن جي بندش خلاف ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي مظاهرو امام حسين جي چاليهي  تي به شهر جي صفائي نه ڪرڻ جو اعلان ، پگهارون جاري ڪرڻ جي گهر  تفصيل موجب بلدياتي نظام جي خاتمي کان پوء ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ انتظامي بحران سبب ٽن مهينن کان ٽائون ملازمن جون پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري نديم قائمخاني . دلشاد صبحپوٽو ، ابوبڪر سمون ، معشوق چانگ ، مائي ليلا جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون ڪميٽي جي گيٽ تي ڌرڻو هنيو مظاهرو ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته گذريل ٽن مهينن کان ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ ٽائون آفيسر جي نه هئڻ سبب اسان کي پگهار نه ملي سگهي آهي جنهن سبب اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي اسان جا ٻچا بک تي ويٺا آهن بجلي گئس جا بل نه ڏيڻ سبب ڪيئي ملازمن جي بجلي ۽ گئس ڪٽجي وئي آهي دڪاندارن سينڌو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جا ٻچا بکن ۾ پاھ ٿي رهيا آهن ملازمن جو چوڻ هو ته آخر اسان ڏوھ ڪهڙو ڪيو آهي جو ريگيولر ڊيوٽي ڪرڻ باوجود اسان کي پگهار نٿي ملي ملازمن جو چوڻ هو ته اسان کي شهرين جي تڪليفن جو احساس آهي پر اسان کان ٻچن جي بک هاڻي برداشت نٿي ٿئي ان ڪري اسان پگهارن جي ادائيگي تائين شهرين کي ڪابه سروس نه ڏئي سگهنداسين ملازمن جو چوڻ هو ته سڀاڻي امام حسين جي چاليهي جي موقعي تي به اسان ڪا به سروس نه ڏئي سگهنداسين جيستائين اسان جون پگهارون جاري نه ٿينديون اسان ڪم نه ڪنداسين

Read Previous

مٽياري: عمران خان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان سرڪاري ملازمن جا به حق کسيا ويا آهن: آل پاڪستان ڪلارڪ ائسوسيئيشن

Read Next

انسان جي جسماني صحت جي بهتري ۽ مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي علاج يقيني بڻائيندو آهي. : ڊاڪٽر معين احمد صديقي

Most Popular