انسان جي جسماني صحت جي بهتري ۽ مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي علاج يقيني بڻائيندو آهي. : ڊاڪٽر معين احمد صديقي

دادو )رپورٽ :محمد علي شيخ) انسان جي جسماني صحت جي بهتري خاطر مريضن جي مرض جي تهه تائين پهچڻ ۾ پنهنجي علم ۽  تجربي کي سامهون رکي هر مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي ضمير ۽ اصول آهر علاج علاج يقيني بڻائيندو آهي. هر مريض کي شفاءِ ڌڻي تعالى ڏيندو آهي ڊاڪٽر فقط هيلو وسيلو بڻجندو آهي اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر معين احمد صديقي ڊاريڪٽر سيد عبدالله شاهه انسيٽيوٽ هاسپيٽل سيوهڻ زينب ڪلينڪ جي افتتاح ڪرڻ واري افتتاحي تقريب محل ميڊيا ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي ڊاڪٽر آرڪي سومرو  زينب ڪلينڪ ۾ ماڻهن جي علاج کي يقيني بنائيڻ لاءِ سڀئي سهولتون موجود هئڻ واري وچڻ کي ورجائيندي چيو ته زينب ڪلينڪ اندر مسڪين – لاچار ۽ بي سهارا مريضن جو اعلاج مفت ڪيو ويندو جڏهن ته تقريب ۾ ڊاڪٽر منير پٺاڻ ڊاڪٽر شميم الرحمان ڊاڪٽر حميد قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف شهرين- سول سوسائيٽي – سماجي حلقن ڊاڪٽر آرڪي سومرو پاران بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل واري فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي کيس واڌيون ڏنيون ۽ سندس ڪاميابي لاءِ دعائون گهريون آهن

Read Previous

مٽياري: ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ملازمن پاران پگهارن جي بندش خلاف ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي مظاهرو

Read Next

بدين : شهر جي حاجي هاشم پاڙي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڪنڊي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالن جي نينگري فوت وارثن جو لاش رکي ڌرڻو مظاهرو

Most Popular