بدين : شهر جي حاجي هاشم پاڙي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڪنڊي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالن جي نينگري فوت وارثن جو لاش رکي ڌرڻو مظاهرو

بدين(ڊر) شهر جي حاجي هاشم پاڙي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڪنڊي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالن جي نينگري فوت وارثن جو لاش رکي ڌرڻو مظاهرو پ پ پ جيالي تي الزام خبر موجب بدين جي وارڊ پهرين ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي پاڙي ۾ گهرن ڀرسان زمين مان گاه ڪندي  مٿان بجلي جي تار ڪرڻ سبب 12 سالن جي نينگري نسرين ڌي انور لغاري عرف گُڏو لغاري بي هوش ٿي وئي جنهن کي وارث انڊس اسپتال کڻي ويا پرسندس جان نه بچي سگهي ٻي طرف فوت ٿي ويل نينگري جي وارثن پيءُ انور لغاري چاچي علي اڪبر لغاري پاڙيسرين اصغر لغاري جاويد لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب بدين اڳيان فوت ٿي ويل نينگري جو لاش رکي مظاهرو ڪيو جنهن دوران هنن الزام ته سندن پاڙي ۾ پ پ پ سٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ سليم خاصخيلي ۽ زاهد خاصخيلي حيسڪو جي عملي جي ملي ڀڳت سان بجلي جي ڪچين تارن وارا سوين بجلي جا  ڪُنڊا هلندڙ آهن جنهن تان هر مهيني حيسڪو وارا ۽ سليم خاصخيلي هزارين رپين جي  منٿلي وٺن ٿا هنن چيو ته اسان کين ڪافي دفعا کين اسان جي گهرن مٿان ڪنڊن تارن جون هٽائڻ لاءِ چيو آهي پر سندن لاپرواهي ۽ ڪُنڊي جي لڳايل غيرقانوني تار زمين ۾ گاه ڪندڙ  مٿان ڪرڻ سبب اسان جي نينگري فوت ٿي وئي هنن مطالبو ڪيو ته پ پ پ جي جيالي ۽ حيسڪو جي عملي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

Read Previous

انسان جي جسماني صحت جي بهتري ۽ مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي علاج يقيني بڻائيندو آهي. : ڊاڪٽر معين احمد صديقي

Read Next

گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي پوليس ۽ ميونسپل عملي سان گڏ قبضي ختم ڪرايو ويو

Most Popular