گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي پوليس ۽ ميونسپل عملي سان گڏ قبضي ختم ڪرايو ويو

مورو (رپورٽر )مورو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي استادن ۽ شاگردن پاران اسڪول جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ خلاف ڪيل احتجاج جو انتظاميه نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو احسان الله يوسفزئي پٺاڻ، ايس ايڇ او مورو قربان علي قمبراڻي، پوليس ۽ ميونسپل عملي سان گڏ قبضي واري هنڌ پهچي ڪيل قبضو ڊهرائي ڇڏيو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته اسان مذڪوره اسڪول جي پلاٽ تي ڪيل قبضي جو نوٽيس ورتو هو ۽ ڌرين کي قبضو خالي ڪرڻ جو ليٽر پڻ جاري ڪيو هو جنهن تي عمل نه ڪرڻ کان بعد ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز جي حڪم تي قبضو ختم ڪرائي پلاٽ اسڪول انتظاميه حوالي ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي اسڪول جا استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا،..

Read Previous

بدين : شهر جي حاجي هاشم پاڙي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڪنڊي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالن جي نينگري فوت وارثن جو لاش رکي ڌرڻو مظاهرو

Read Next

چارسده:هڪ ٻي نينگري زيادتي بعد قتل

Most Popular