چارسده:هڪ ٻي نينگري زيادتي بعد قتل

چارسده: اڍائي سالن جي نينگري زينب کي اغويٰ بعد زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. چارسده ۾ اڍائي سالن جي نينگري کي پهريان اغويٰ ڪيو ويو ۽ پوءِ زيادتي جو نشانو بڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو، نينگري جي سڃاڻپ زينب جي نالي سان ڪئي وئي آهي. اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ موجب 18 ڪالڪ پهريان کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، زيادتي کانپوءِ نينگريءَ جو پيٽ ۽ سينو ڇريءَ سان ڪٽيو ويو، ڊي اين اي لاءِ نينگري جي جسم جا نمونا پشاور جي خيبر ميڊيڪل ڪاليج موڪليا ويا آهن. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وزير اعليٰ محمود خان آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي ملوث جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Read Previous

گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي پوليس ۽ ميونسپل عملي سان گڏ قبضي ختم ڪرايو ويو

Read Next

خانپور ۾ ٻارنهن سالن جو نينگر زيادتي بعد قتل

Most Popular