خانپور ۾ ٻارنهن سالن جو نينگر زيادتي بعد قتل

خانپور: خانپور ۾ لاپتا ٿيل ٻار سان جنسي زيادتي بعد کيس قتل ڪيو ويو جنهن جو لاش ٻني مان هٿ آيو آهي. پوليس موجب بستي مڏ بنگلا جو 12 سالن جي نينگر ڪالهه شام کان لاپتا هو. پوليس موجب نينگر کي مبينا طور تي زيادتي بعد گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ لاش کي ٻنيءَ ۾ اڇلي ڇڏيو. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منقتل ڪيو ۽ هڪ ملازم سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

چارسده:هڪ ٻي نينگري زيادتي بعد قتل

Read Next

پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ واڌ اچڻ لڳي، سمارٽ لاڪ ڊائون جو امڪان

Most Popular