ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور جي عدالت ۾ فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار ڄڻن کي سزا ۽ ڏھ ڏھ ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي تفصيل موجب، ڪشمور جي عدالت ڳوري جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل ميجسٽريٽ جناب عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جکراڻي برادري جي چار ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدارن ۾ گل محمد کي هڪ سال ۽ ڏھ ھزار ڏنڊ ۽ ٽن ڄڻن سراج الدين، مير حسن ۽ شاھ گل جکراڻي کي 2 /2 سال سزا ۽ ڏھ ڏھ ھزار پڻ ڏنڊ سان سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته ڪورٽ پوليس پاران سڀني جوابدارن کي عدالت ۾ ئي گرفتار ڪري جوڊيشنل لاڪ اپ حوالي ڪيو ويو گرفتار جوابدارن جو تعلق حاجي گلاب جکراڻي سان آهي سندس ڪيس RD 109 ٿاڻي تي داخل ٿيل هو