ڪشمور: فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار ڄڻن کي سزا

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور جي عدالت ۾ فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار ڄڻن کي سزا ۽ ڏھ ڏھ ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي  تفصيل موجب، ڪشمور جي عدالت ڳوري جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل ميجسٽريٽ جناب عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جکراڻي برادري جي چار ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدارن ۾ گل محمد کي هڪ سال ۽ ڏھ ھزار ڏنڊ ۽ ٽن ڄڻن سراج الدين، مير حسن ۽ شاھ گل جکراڻي کي 2 /2 سال سزا ۽ ڏھ ڏھ ھزار پڻ ڏنڊ سان سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته ڪورٽ پوليس پاران سڀني جوابدارن کي عدالت ۾ ئي گرفتار ڪري جوڊيشنل لاڪ اپ حوالي ڪيو ويو گرفتار جوابدارن جو تعلق حاجي گلاب جکراڻي سان آهي سندس ڪيس RD 109 ٿاڻي تي داخل ٿيل هو

Read Previous

ڳڙھي خيرو: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چاليهو عقيدت ۽ احترم سان ملهايو ويو

Read Next

حضرت امام حسين عليہ السلام جي عظيم قرباني کي ڀيٽا، لبيڪ يا حسين جون صدائون بلند

Most Popular