مٽياري: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ درگاھ سخي ھاشم شاھ کان برآمد ڪيو ويو هر طرف يا حسين يا حسين جو صدائون گونجنديون رهيون

مٽياري ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاء سفر اربعين جي مناسبت سان مٽياري جي انجمن غم دستار حسين عه مٽياري پاران درگاھ سخي ھاشم شاھ کان برآمد ڪيو ويو  هر طرف يا حسين يا حسين جو صدائون گونجنديون رهيون,,  عالم اسلام جي لاء عظيم قرباني ڏيندڙ ۽ دنيا جي عظيم شهيد حضرت امام حسين عليه اسلام ۽ ان ساٿي شهيدن شھداء ڪربلا جي چاليهي جي سلسلي ۾ مٽياري ۾ به انجمن غم دستار حسين عه پاران درگاھ سخي ھاشم شاھ کان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو ماتمي جلوس ۾ وڏي تعداد ۾ ذوالجناح تعزيه جھولا علم پاڪ برآمد ڪيا ويا جڏهن ته ماتمي جلوس پنهنجي روايتي رستن پڌري جي علم، سيد علي حيدر شاھ ڄاموٽ جي علم، استي خير محمد جي پڙ، ڪانڊيراڻي جي پڙ، اسٽي علي محمد خاصخيلي جي پڙ، مڱڻھارن جي پڙ، وڍن جي پڙ، مرڪزي امام بارگاهه حسيني سجاديه، ڪڇين جي پڙ، علڻ جي پڙ، جيجي آمون بيبيء جي پڙ، قابل جي پڙ، هاشمي امام بارگاهه کان ٿيندو درگاھ سخي ھاشم شاھ تي پهتو جتي زنجير زني، نوحه خواني، ۽ مومنين ماتمداري پڻ ڪئي آخر ۾ مجلس عزا برپا ڪئي جنهن کي سيد جواد شاہ حسیني خطاب ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي مجلس عزا کي خطاب ڪندي چيو ته شهداء ڪربلا جي عظيم قرباني جي ڪري  ئي اڄ دنيا قائم ۽ دائم آهي حضرت امام حسين عليه سلام  ڪوفي جي سرزمين تي پهچي ڪري پنهنجي ساٿين جنهن ۾ معصوم ۽ پنهنجي جوانن جي جانين جا نذرانا پيش ڪري تا قيامت تائين اهو درس ڏئي ويا ته فتح هميشه سچ جي ثابت ٿيندي آهي ۽ يزيديت کي  هميشه شڪست نصيب ٿيندي آهي ۽ جيڪو حق جي امام جي ڏسيل راھ تي هلندو ان کي وقتي تڪليف ٿي سگهي ٿي پر فتح ان جي ئي ٿيندي اسان کي ان حق جي امام جي ڏسيل راھ تي هلي ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻو آهي ته صبر ۽ سچ جو ساٿ ڏئي شهيد  حضرت امام حسين پنهنجي ناني رسول الله صلي الله عليه وسلم جو سچو دين بچايو ۽ عالم اسلام کي هڪ سچو سبق ڏئي ويا ته فتح هميشه سچ جي ٿيندي آهي 

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٽ پير غلام محمد جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سبحان پريس ڪلب پهچي ڪانفرنس ڪندي

Read Next

ميهڙ: نجي بئنڪ ۾ اوچتو باهه لڳي وئيفائربرگيڊ ۽ عملو باهه وسائڻ جي ڪوشش

Most Popular