سنڌ جي سياحت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ چوٽياريون ڊئم تي موجود سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بقار ليڪ ريزارٽ جو دورو

سانگهڙ (عبدالجبار نظاماڻي ) سنڌ جي سياحت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ چوٽياريون ڊئم تي موجود سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بقار ليڪ ريزارٽ جو دورو ڪري ريزارٽ جي بيوٽيفڪيشن پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان موقعي تي اديب ۽ محقق پروفيسر نواز ڪنڀر ۔ بڪار ليڪ ريزارٽ جي انچارج شاعر ايوب گل ۽ هاٽ ايف ايم 105 جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي هنڱوري ايم ڊي ٽوئرزم کي چوٽياريون ڊئم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڊئم جو سير ڪرايو۔ ايم ڊي ٽوئرزم اعجاز شيخ ان موقعي تي پريس سان ڳالهائيندي چيو ته چوٽياريون ڊئم آبي سياحت جي حوالي سان ڏاڍي دلڪش جڳھ آھي ۽ سنڌ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان سنڌ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاء جيڪو ميگا پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ان ۾ هن سائيٽ جي ترقي سياحت کاتي جي اوليتن ۾ شامل آھي ۽ جلد ئي کاتي جو وزير سيد سردار شاھ چوٽياريون ڊئم جو دور ڪندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ سياحت کاتي طرفان سنڌ جي هر سياحتي ماڳ تي سير لاء ايندڙ سياحن جي رهائش لاء ريزارٽ۔ هوٽل ۽ موٽيل تيار ڪرايا ويا آهن ۽ انهن ماڳن بابت ماڻھن کي آگاهي لاء تيار ڪيل وڊيوز جلد پبلڪ ڪيون وينديون۔ انهي موقعي تي اديب ۽ محقق پروفيسر نواز ڪنڀر چيو ته هن چوٽياريونڊئم بابت هڪ گائيڊ ترتيب ڏني آھي جنهن ۾ هن ماڳ تي سير لاء ايندڙ ماڻھن لاء نه صرف چوٽياريون ڊئم پر آسپاس ۾ موجود سڀني سياحتي ماڳن جي  معلومات شامل آھي۔ هي هڪ تحقيقي ڪتاب پڻ آھي۔ هن وڌيڪ چيو ته چوٽياريون ڊئم جي خوبصورتي کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آھي ۔ هاٽ ايف ايم 105 جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي هنڱوري سائيٽ جي ترقي بابت مشورا پيش ڪيا ۽ سائيٽ انچارج ايوب گل چيو ته چوٽياريون ڊئم هڪ مڪمل سياحتي پئڪيج آھي جتي ڪيتريون ئي ڏسڻ جهڙيون جايون آهن جن مان جوڻيجن  جون قديم ماڙيون دلڪشي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن۔ هن چيو ته ڊئم جي اندر ڪيترائي ٻيٽ آھن جيڪي گهمڻ ۽ ڪيمپنگ جي حوالي سان ڌيان ڇڪائن ٿا ۔جڏهن ته سياري جي مند شروع ٿيڻ تي آھي ۽ جلد ئي هتي پرديسي پکي لهڻ شروع ٿيندا۔ ان موقعي تي اديب ۽ محقق پروفيسر نواز ڪنڀر ايم ڊي ٽوئرزم اعجاز شيخ کي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو۔

Read Previous

راڻيپور جا شهري بنيادي سهولتن کان محروم ڪرپشن ۽ ناانصافي دور شهرين جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

Read Next

حڪومت طرفان تعليمي ادارن تي توجه نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آھي.خليل الرحمان سرڪي

Most Popular