راڻيپور جا شهري بنيادي سهولتن کان محروم ڪرپشن ۽ ناانصافي دور شهرين جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

راڻيپور رپورٽر راڻيپور جا شهري بنيادي سهولتن کان محروم ڪرپشن ۽ ناانصافي دور شهرين جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو  رپورٽ موجب:راڻيپور جي مُنو لک آبادي بنيادي سهولتن کان  محروم آهي جنهن لاء شهرين انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ الطاف عباسي ,اڳوڻو ڪائونسلر نماڻو خان سرڪي ,صرافه بازار جو صدر مشتاق صديقي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا شهرين کي بينر ۽ پلي ڪارڊ هٿن ۾ هئا جن صحافين آڏو داهيندي چيو ته شهر ۾ صاف پاڻي لاء قائم ڪيل فلٽر پلانٽ هڪ وڏي عرصي کان خراب آهي جنهن تي پڻ لکين روپيه خرچ به ٿيا پر اڄ به شهرين کي صاف پاڻي بجاء خارو ۽ ميرو پاڻي مهيا ٿي رهيو آهي  جنهن سبب معصوم ٻارن, نوجوانن توڙي بزرگن ۾ مختلف پيٽ جون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن جنهن لاء لڳايل فلٽر پلانٽ بحال ڪري شهرين کي صاف پاڻي ڏنو وڃي هنن چيو شاهي بازار ,هاء وي ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين عام هنڌن تي قبضا مافيا سرگرم آهي جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جنهن لاء انڪروچمينٽ هٽائي شهرين جي زندگي کي محفوظ بنايو وڃي هنن چيو راڻيپور ٽائون ڪاميٽي ۾ ٻارنهن سالن اندر ڪروڙين روپيه ترقياتي ڪمن لاء ڏنا ويا آهن پر اهي پئسا ٽائون انتظاميه جي ملي ڀڳت سان هڙپ ٿي ويا آهن پر ترقياتي ڪم نه ٿيا جنهن لاء نيب نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪيل ڪروڙين روپيه واپس ڪرائي هنن چيو ته سبزي منڊي,مال جو ڍڪ ,گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ جا ٺيڪا ڳجھ ڳوھ ۾ ٿي ويندا آهن جنهن سان ٽائون جا لکين روپيه هڙپ ٿي ويندا آهن مطالبو آهي ته اشتهار ذريعي  اوپن ٽينڊر ڪرائي ملندڙ رقم ٽائون جي اڪائونٽ ۾ داخل ڪئي وڃي هنن چيو ته شهر جي مختلف محلن,عيسو لاکو روڊ,بلوچ محلا لڳ سرڪاري اسپتال ,ايور شائين اسڪول روڊ ,ٽيچرز ڪالوني سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڊرينيج جو نظام ناڪاره آهي ۽ شهر هميشه گندگي جي لپيٽ ۾ هوندو آهي اسانجو مطالبو آهي ته ٺهيل گندي پاڻي جي نالين مٿان صفائي عملو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن دستگير جو شهر راڻيپور صاف ۽ سٿرو رهي  هنن چيو ته ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ مقرر ڪيل ٽائون آفيسر ممتاز انڙ ڪرپشن جو ماهر آهي ۽ ڪرپشن ذريعي پاڻي کي امير شهر کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي ٽئي دفعا بدلي ٿيڻ کانپوء به ڏيتي ليتي ڪري واپس ٽائون آفيسر بڻجي ويندو آهي اسانجو مطالبو آهي ته ڪرپٽ ۽ رهشي ٽائون آفيسر ممتاز انڙ کي جلد هٽائي شهر بچايو وڃي ٻئي صورت  ۾ احتجاج جي دائري کي وڌائي جنهن ۾ شهر جي اڌ لک آبادي کي شامل ڪيو ويندو

Read Previous

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

سنڌ جي سياحت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ چوٽياريون ڊئم تي موجود سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بقار ليڪ ريزارٽ جو دورو

Most Popular