مولانا ڊاڪٽر عادل تي حملو امن امان خراب ڪرڻ جي سازش آهي:ناصر شاهه

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات ، بلديات ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي جي جامعه فاروقيه جي عالم دين مولانا ڊاڪٽرمحمد عادل خان ۽ هن جي ڊرائيور تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هن جي شهادت پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ هن جي ڊرائيور تي قاتلاڻو حملو هن شهر ۽ صوبي جي امن وامان خراب ڪرڻ جي سازش آهي.  سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هاڻي هڪ طرف صوبا بين المسلمين جي اتحاد جي مثال قائم ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف دهشتگرد ان خلاف پنهنجون ڪاروايون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مولانا محمد عادل خان ۽ هن جي خاندان جي دين خاطر ڪيل خدمتن هميشه ياد رکيو ويندو ۽ قوم هڪ معروف دين جي عالم کان محرم ٿي وئي آهي.  اطلاعات ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته مولانا ڊاڪٽرمحمد عادل تي حملي فوري تحقيقات جي حڪم جاري ڪياويا آهن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مدد سان قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،  اطلاعات ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله جلد ئي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر و جميل عطا فرمائي (آمين).

Read Previous

ڪراچي ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

Read Next

ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون هڪ دفعو ٻيهر لاڳو

Most Popular