ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون هڪ دفعو ٻيهر لاڳو

اسلام آباد:   وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو  ويو آهي.  سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ڪيس 6 هفتا لاڳيتو پازيٽو اچڻ جو انگ وڌيو آهي جڏهن ته ڪيس 2 سيڪڙو گهٽ رهڻ کان پوءِ پوئين هفتي ڪيس 2 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيا آهن. اسد عمر وڌيڪ چيو ته ڪراچي، اسلام آباد،  آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ انتظاميه کي حفاظتي قدم يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر ڪاميابي  اڳ جيان عوام جي تعاون کان سواءِ ممڪن نٿي ٿي سگهي.

Read Previous

مولانا ڊاڪٽر عادل تي حملو امن امان خراب ڪرڻ جي سازش آهي:ناصر شاهه

Read Next

ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو امڪان: اسلام آباد جا ٻه اسڪول، ٻٽيهه هوٽلون ۽ ستيتاليهه دڪان سيل

Most Popular