اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ڪيس 6 هفتا لاڳيتو پازيٽو اچڻ جو انگ وڌيو آهي جڏهن ته ڪيس 2 سيڪڙو گهٽ رهڻ کان پوءِ پوئين هفتي ڪيس 2 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيا آهن. اسد عمر وڌيڪ چيو ته ڪراچي، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۾ مني اسمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ انتظاميه کي حفاظتي قدم يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر ڪاميابي اڳ جيان عوام جي تعاون کان سواءِ ممڪن نٿي ٿي سگهي.