نوجوان رانديگرن جو سينئرز کي چيلنج ڪرڻ خوشي جوڳو قدم آهي: وقار يونس

لاهور:   پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته نوجوان رانديگرن جو سينئرز کي چيلنج ڪرڻ خوشي جوڳو قدم آهي.  خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ وقار يونس چيو ته نوجوانن کي موقعو ڏنو پيو وڃي ۽ هو ٽيمن جو حصو بڻجي رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته  اڃان اسان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي لاءِ رانديگرن جي ڳولا جي ضرورت آهي. اڃان ڊوميستڪ ڪرڪيٽ شروع ٿي رهي آهي ته مون کي اميد آهي ته ان تي سڀني سليڪٽرز ۽ ڪوچز جون نظرون هونديون ۽ رانديگرن جي ڳولا ڪندا.  وائٽ بال جي نسبت  ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اسان کي محنت ڪرڻي آهي. وقار يونس چيو ته وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪيترائي بالر سامهون آيا آهن. بيٽسمين به آهن حيدر علي کي موقعو مليو، اهڙي طرح بالرن ۾ ته مقابلو ئي آهي انهن کي موقعو به ڏنو پيو وڃي. شاهين آفريدي سميت ڪنهن به بالر کي اوور لوڊ ناهي ڪيو ويو.  هن چيو ته شاهين  آفريدي ٽنهي فارميٽن ۾ کيڏي رهيو آهي پر تازو ئي هن وڌيڪ ڪرڪيٽ ناهي کيڏي. مان سمجهان ٿو ته اسان جي  رانديگرن گهٽ ڪرڪيٽ کيڏي آهي کين وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ضرورت آهي جڏهن مشڪل ٿيندي ۽ انهن مٿان لوڊ پوندو ته هو مضبوط ٿيندا ۽ ان مضبوطي سان ان جي فٽنس ۾ بهتري ايندي.

Read Previous

ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو امڪان: اسلام آباد جا ٻه اسڪول، ٻٽيهه هوٽلون ۽ ستيتاليهه دڪان سيل

Read Next

شعيب ملڪ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

Most Popular