شعيب ملڪ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

ڪراچي:    پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر شعيب ملڪ 10 هزار رنسن واري ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ پهريون ايشيائي ۽ پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو. سينئر پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ قومي ٽي 20 ڪپ ۾ خيبرپختونخواهه طرفان بلوچستان جي خلاف 74 رنسون اسڪور ڪيون. اهڙي طرح ان جي مختصر ترين فارميٽ ۾ گڏيل رنسن جو انگ 10027 ٿي ويو آهي هو ٽي 20 فارميٽ ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون ايشيائي ۽ پاڪستاني جڏهن ته دنيا جو ٽيون رانديگر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ ڪرس گيل 13296، پولارڊ 10370 اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. شعيب ملڪ اها منزل 395هين ميچ ۾ حاصل ڪئي. ان دوران ان جي اوسط 37 کان وڌيڪ جڏهن ته اسٽرائيڪ ريٽ 125.47 رهيو آهي. شعيب 239 ڇڪا ۽ 788 چوڪا هنيا.  پهرين نمبر تي رهندڙ گيل 404 ميچ کيڏيا ان دوران هن 978 ڇڪا ۽ 1026 چوڪا لڳايا.  اهڙي طرح ڪيرون پولارڊ 518 ميچن جي دوران 685 ڇڪا ۽ 664 چوڪا لڳايا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن لسٽ ۾ شعيب ملڪ کان پوءِ ٻيون پاڪستاني رانديگر محمد حفيظ ڪافي پري آهي ان جي هن فارميٽ ۾ گڏيل رنسن جو انگ 6420 آهي  هن هينئر تائين 2820 ٽي 20 ميچ کيڏيا آهن. ڪامران اڪمل به 6 هزار رنسون مڪمل ڪري چڪو آهي.

Read Previous

نوجوان رانديگرن جو سينئرز کي چيلنج ڪرڻ خوشي جوڳو قدم آهي: وقار يونس

Read Next

افغانستان ۾ بم ڌماڪي سبب تيرنهن ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

Most Popular