طالبان آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن دوران ٽرمپ جي کٽڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Trump

واشنگٽن: : افغان طالبان آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر ڪامياب  ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي نيوز چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته ٽرمپ آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ کٽي ويندو ڇو ته هو هڪ اهڙو سياستدان آهي جنهن آمريڪين سان ڪيل سمورا وڏا واعدا پورا ڪيا آهن.  طالبان جي ترجمان چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو  ته ڪجهه ننڍيون وڏيون ڳالهيون رهجي ويون هجن پر ٽرمپ سمورا وڏا واعدا پورا ڪيا آهن ان لاءِ امڪان آهي ته آمريڪي عوام جيڪي ماضي ۾ ڌوڪا کاڌا آهن هڪ دفعو ٻيهر ٽرمپ تي اعتماد ڪندا. ذبيح الله مجاهد تازو ئي صدر ٽرمپ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ سندس جلد صحتيابي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.  رپورٽ موجب هڪ ٻئي سينئر طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ٽرمپ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي افغانستان مان  آمريڪي فوج جو انخلا مڪمل ڪندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ڊسمبر ۾ ڪرسمس تائين افغانستان مان آمريڪي فوج جي انخلا جو اشارو ڏنو هو ۽ طالبان طرفان به ان بيان جي آجيان ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف ٽرمپ جي چونڊ مهم جي انچارج ٽم مرٽاف ان بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته طالبان کي خبر هجڻ گهرجي ته صدر ٽرمپ هميشه هر ممڪن طريقي سان آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي.

Read Previous

اهڙي اداڪاري ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن کي ماڻهو هميشه ياد رکن: جويريه عباسي

Read Next

چين ايٽمي معاهدي تي ايران جي حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ نئين فورم جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular