چين ايٽمي معاهدي تي ايران جي حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ نئين فورم جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ: : چين عالمي ايٽمي معاهدي 2015 ۾ ايران جي حمايت جاري رکڻ جو اشارو ڏيندي وچ اوڀر ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين فورم جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪيو آهي.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي شهر ٽينگچونگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پنهنجي ايراني هم منصب جواد ظريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اڳواڻن وچ اوڀر  ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران چيني پرڏيهي وزير وانگ زي وچ اوڀر ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي  ڀائيواري سان ڪثيرالجهتي فورم جو مطالبو ڪيو  جيڪو ڳالهه ٻولهه ذريعي وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ سياسي ۽ سفارتي حل ڳوليندو.  ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير 2015 ۾ عالمي طاقتن سان گڏ طئي ٿيندڙ عالمي جوهري معاهدي جي پاسدار ي جي عزم جو ارادو ڪيو جنهن تي چيني پرڏيهي وزير به جوهري معاهدي تي چين جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جي حمايت ڪئي.  چيني پرڏيهي وزير وانگ زي آمريڪا طرفان هڪ طرفي طور تي عالمي  ايٽمي معاهدي تان هٿ کڻڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي معاهدي جي ٻين ميمبر ملڪن جي راءِ  جو به احترام ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ضد يا انا جي ڪري عالمي امن کي تباهه ڪرڻ نامناسب عمل آهي.

Read Previous

طالبان آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن دوران ٽرمپ جي کٽڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Read Next

پي سي بي انڊر نائٽين ون ڊي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular