اهڙي اداڪاري ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن کي ماڻهو هميشه ياد رکن: جويريه عباسي

لاهور: : پاڪستاني اداڪاره جويريه عباسي چيو آهي ته اسان وٽ ٽي وي  جا ڊراما  حقيقي عوامي مسئلن تي  ٺهي رهيا آهن جيڪا شيءِ حقيقتن کان متاثر ٿي پيش ڪئي وڃي ته اها پنهنجو اثر ضرور ڇڏيندي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب جويريه عباسي چيو آهي ته ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي پر اڄ به اهو محسوس ڪريان ٿي ته ڪجهه اهڙو ڪريان جو ماڻهو مون کي هميشه ياد رکن.  هن چيو ته اڃان مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ مون کي پنهنجي اداڪاري ذريعي ماڻهن جي ذهنن تي  اهڙو اثر ڇڏڻو آهي جو اهي مون کي سالن تائين ياد رکن. اداڪاره چيو ته هڪ وقت هو جو صرف پي ٽي وي ئي ڊرامن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو پر هاڻ خانگي شعبي ۾ به اهڙا ڊراما تيار ڪيا پيا وڃن  جنهن کي عوامي سطح تي مشهوري ملي رهي آهي. جويريه اداڪاره بشري انصاريٰ ۽ صبا پرويز بابت چيو ته ٻئي اداڪارائون شوبز ۾ نئين ايندڙ اداڪارائن لاءِ اڪيڊمي جي حيثيت رکن ٿيون.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره ماهره خان بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Read Next

طالبان آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن دوران ٽرمپ جي کٽڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular