آئين جي آرٽيڪل 172 ٻه جي تحت سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن : رضوانه ميمڻ

سکر (بيورو رپورٽ) سينئر قانوندان ايڊووڪيٽ رضوانه ميمڻ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 172 ٻه جي تحت سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق پاران ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪبو، صدارتي آرڊيننس غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، واپس نه ٿيو ته دما دم مست قلندر ٿيندو، پيپلز لائيرز فورم ليڊيز ونگ ضلع سکر جي صدر سينئر قانوندان ايڊووڪيٽ ميڊم رضوانه ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، وفاقي حڪومت حدون اورانگهي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرن چاهي ٿي، آئين جي آرٽيڪل 172 ٻه تحت سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي وفاق جي قبضن کي رد ڪيون ٿا، ۽ ان بابت صدارتي آرڊيننس غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، جنهن کي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو، حڪمران سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪري حق غضب ڪرڻ چاهين ٿا، اسان سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. قانوني جنگ پڻ وڙهنداسين

Read Previous

ٻارن ۾ پوليو کا بچاءُ جا ڦرا پيارڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي : ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو

Read Next

ميهڙ شهر ۾ هڪ ڏينهن ۾ چار وارڌاتو، عوام پريشان

Most Popular