ٻارن ۾ پوليو کا بچاءُ جا ڦرا پيارڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي : ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو

مٽياري : ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو چيو آهي ته ٻارن ۾ پوليو کا بچاءُ جا  ڦرا پيارڻ جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، ان عمل ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.  اهڙن خيالن جو اظهار  ھن 26 کان 30 آڪٽوبر 2020 تائين جاري رھندڙ  پوليومهم جي حوالي سان سندس آفيس ۾ واسطيدار عملدارن سان گڏجاڻي جي صدارت دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيوته  ڪورونا وبا دوران لاڪ ڊائون سبب اسڪول بند هئڻ ڪري ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارجي نه سگهيا آهن ۽ هاڻ  اسڪولي ٻارن کي پابندي سان پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته برساتن سبب ڪجهه برسات متاثر علائقن ۾ به صحيع نموني سان پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين جا ٻارڙن به پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا آهن، هلندڙ مهم دوران انهن کي به ذميداري سان ڦڙا  پياريا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي عملدارن کي  گهرجي ته هو پنهنجي حڪمت عملي کي  وڌيڪ بهتر بڻائين ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي . گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر يار محمد کوسو بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پوري ضلعي ۾ 1 لک 63 هزار 460 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو تـ  پوليو خلاف مهم لاءِ ڪل 447 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته 27 ٽرانزٽ هنڌن تي پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارڻ جا انتظام ڪرڻ کان علاوه 112 ايريا انچارج پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، پوليو خلاف مھم ۾ سو سيڪڙو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، فوڪل پرسن  پوليو ڊاڪٽر نظير ملاح، ڊسٽرڪٽ منيجر آئي ايڇ ايس ڊاڪٽر مظفر سمون، ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا، ڊاڪٽر صنم حسين، ڊاڪٽر ونود سميت ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

سکر: سماجي تنظيم ايم ڊي ايف سنڌ واٽر مينجمينٽ آرڊيننس 2002 ۾ ترميمي بل چونڊيل نمائندن حوالي ڪري ڇڏيو

Read Next

آئين جي آرٽيڪل 172 ٻه جي تحت سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن : رضوانه ميمڻ

Most Popular