ميهڙ شهر ۾ هڪ ڏينهن ۾ چار وارڌاتو، عوام پريشان

ميھڙرپورٽ(ميربابا )  ميهڙ ۾ ڊي ايس پي غلام محمد   جو بدلي ٿيڻ کانپوءِ ھڪ ڏينھن۾ چار وارڌاتو ٿئي ويو  بدامني جي  رڪجي ناهي سگهي ميهڙ جي گاهي مهيسر روڊ تي ثاقب ڪالوني وٽ  کير جي واپاري جي آفيس ۾  هٿيار بند داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي اتي ويٺل منشي کي يرغمال بڻائي ھڪ لک ستر هزار فر ڪري فرار ٿي ويا.ميهڙ پوليس ون فائيو پوليس ناڪامي طرف وڌڻ لڳي واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهي هٿيار بند ڪاروائي ڪري فرار ٿي ويا  دڪاندارگاهي مهيسر روڊ تي بدامني خلاف احتجاج ڪيو بعد ۾ ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي کير جي ڪارخاني مالڪ يوسف قمبراڻي کان واقعي جا تفصيل ورتا . واضع رهي ته ميهڙ ۾ ڪافي ڏينهن کان روڊن رستن تان فرن جون واڌاتن جي باہ ڀڙڪيل آهي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪري سگھي ايس ايس پي نوٽيس وٺي سٺا آفيسر مقرر ڪري ته جيئن ڏوھن تي ضابطو اچي سگھي ء شھري ۽  واپاري محفوظ ٿي سگھڻ .

Read Previous

آئين جي آرٽيڪل 172 ٻه جي تحت سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن : رضوانه ميمڻ

Read Next

مٽياري: باگڙي برادري جي 6 گهرن کي اچانڪ باھ لڳي وئي الهه تلهه سڙي رک

Most Popular