مٽياري: باگڙي برادري جي 6 گهرن کي اچانڪ باھ لڳي وئي الهه تلهه سڙي رک

مٽياري : مٽياري ڊي سي آفيس مٽياري لڳ ويٺل باگڙي برادري جي 6 گهرن کي اچانڪ باھ لڳي وئي الهه تلهه سڙي رک باگڙي برادري پاران حيسڪو عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو. اسان ڪيترائي ڀيرا حيسڪو وارن کي شڪايت ڪئي پر اسان جي گهرن مٿان بجلي جو کنڀو نه ڪڍيو ويو جنهن سبب اسان جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي مظاھرين،  پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ واقعي واري هنڌ پنهنجي ماڻهن سان پهچي ويو،،  تفصيل موجب ڊي سي آفيس  مٽياري جي لڳ ڳوٺ حاجي احمد ميمڻ ۾ بجليءَ جي کنڀي مان شارٽ سرڪٽ سبب باگڙي برادري جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ باگڙي برادريء جا ڇهه گهر سڙي رک ٿي ويا ان موقعي تي باگڙي برادري جي ماڻهن پريم داس، ويرداس، داسري، ساگر، لڇمي، پٺاڻي ميران ۽ ٻين ميڊيا آڏو الزام مڙهيو ته اسان جي گهرن مٿان بجلي جو کنڀو لڳل آهي جنهن خلاف ڪيترائي ڀيرا حيسڪو وارن کي شڪايتون ڪيون پر انهن اهو کنڀو گهرن مٿان نه ڪڍيو جنهن سبب اسان جي 6 گهرن جو الهه تلهه سامان روڪ رقم سون سڙي رک ٿي ويو آهي اسان سر بچائي نڪتا آهيون هنن چيو ته نه حيسڪو عملو پهتو آهي نه ئي ٽائون ڪميٽي پاران فائر برگيڊ پھتي مقامي زميندار سنڌ ميمڻ اتحاد جي جو سرواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ فوري طور پنهنجي ماڻهن سان پهچي باھ وسائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي هنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ڊي او سب ڊويزن مٽیاري کي فوري طور هٽائي اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. هوڏانهن سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اطلاع مليو ته باگڙي برادري جي گهرن کي باهه وڪوڙي ورتو آهي جنهن کانپوءِ پنهنجي ماڻهن جي مدد سان باھ تي ظابطو آڻي ورتو آهي هن چيو ته حيسڪو جي نااهلي سبب اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن..

Read Previous

ميهڙ شهر ۾ هڪ ڏينهن ۾ چار وارڌاتو، عوام پريشان

Read Next

تعليمي ادارا صحت جھڙيون سھولتن سميت سڀ سھولتون فراھم ڪيون اڄ اھو ان جي قيمت ادا ڪري رھيو آھي: سحر ڪامران

Most Popular