بنگلاديش ۾ جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جو فيصلو

ڍاڪا:   بنگلاديش جي حڪومت احتجاجي تحريڪ جي سامهون گوڏا کوڙيندي جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.   عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بنگلاديش ۾ تازو ئي ٿيندڙ عورتن سان زيادتي کان پوءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. هي احتجاج  سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو کان پوءِ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ عورت کي زيادتي جو نشانو بنايو ويو. ملڪ ۾ جاري احتجاج ڪرڻ کان پوءِ ڪابينه جي اجلاس ۾ جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جلد ئي اهو قانون سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿي ويندو پر ان کان اڳ بنگلاديش ۾ ريپ جي ڏوهارين جي لاءِ عمر قيد جي سزا مقرر ٿيل هئي. ان بابت ڍاڪا جي انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته جنسي زيادتي جو شڪار ٿيندڙ تمام گهٽ ماڻهن کي انصاف ملندو آهي ۽ گهڻو ڪري عورتون خوف سبب رپورٽ ئي داخل ناهن ڪرائينديون. هلندڙ سال بنگلاديش ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا جنهن ۾ هر پنجون ڪيس گينگ ريپ جو هو.

Read Previous

قوالين جي شهنشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ ٻاهترين سالگره ملهائي پئي وڃي

Read Next

ارڙنهن آڪٽوبر کان اڍائي لک زائرين عمري جي سعادت ماڻي سگهندا: سعودي عرب

Most Popular