قوالين جي شهنشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ ٻاهترين سالگره ملهائي پئي وڃي

ڪراچي:   پنهنجي آواز ۽ سرن جو جادو جڳائيندڙ استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ 72هين سالگره ملهائي پئي وڃي. نصرت فتح علي خان فيصل آباد جي هڪ قوال گهراڻي ۾ 13 آڪٽوبر 1948ع ۾ اک کولي. 16 سالن جي عمر ۾ قوالي جو فن سکيو. قوالي سان گڏوگڏ هن غزلون، ڪلاسيڪل ۽ صوفي گيت به ڳايا. هارمونيم ۽ طبلو وڄائڻ جي به هن کي تمام گهڻي مهارت هئي. موسيقي ۾ نواڻ سبب ان جي شهرت پاڪستان مان نڪري سڄي دنيا ۾ پکرجي وئي. عالمي سطح تي صحيح معنائن ۾ ان جو ٺاهيل پهريون شاهڪار 1995ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم (ڊيڊ مين واڪنگ) هو جنهن کان پوءِ هن هالي ووڊ جي هڪ ٻئي فلم(دي لاسٽ ٽيمپنيشن آف ڪرائسٽ) جي به موسيقي ترتيب ڏني. هالي ووڊ کان پوءِ بالي ووڊ به نصرت فتح علي خان  جي فن جي تعريف ڪئي. هن ڪيترين ئي ڀارتي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني. استاد نصرت فتح علي خان جي بالي ووڊ ۾ خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان جو ڳايل مشهور ترين گيت(دولهي کا سهرا) اڄ به ماڻهن کي وسري ناهي سگهيو. نصرت فتح علي خان جون قواليون پاڪستان سميت ڀارت ۾ به پسند ڪيون وينديون آهن. (تيري بن نئي لگدا دل ميرا سونيا) هجي يا(ميري رشڪ قمر) استاد نصرت فتح علي خان جي قوالين هميشه ڀارتين کي پنهنجي گيتن  جو ديوانو بنايو آهي.  ان کان علاوه هن ڀارت جي مشهور موسيقار اي آر رحمان سان گڏ ڪيترائي البم ۽ گانا رليز ڪيا جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. نصرت فتح علي خان جي قوالين جا 125 کان وڌيڪ آڊيو البم رليز  ٿيا ۽ ان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل آهي. 16 سيپٽمبر 1997ع ۾ صرف 48 سالن جي عمر ۾ هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر  اڄ به موسيقي سان محبت رکندڙ سندس ڪلام شوق سان ٻڌندا آهن.

Read Previous

علي ظفر ۽ ميشا شفيع حراسمينٽ معاملو: عفت عمر سميت چار جوابدار جاچ ۾ شامل

Read Next

بنگلاديش ۾ جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular