ارڙنهن آڪٽوبر کان اڍائي لک زائرين عمري جي سعادت ماڻي سگهندا: سعودي عرب

رياض:   سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت ڪميٽي  اعلان ڪيو آهي ته 18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٻئين مرحلي ۾ اڍائي لک مقامي زائرين کي عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت هوندي. سعودي ميڊيا موجب 4 آڪٽوبر کان پوءِ عمري جي ادائيگي سان مرحليوار پابندي کڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جنهن ۾ صرف 6 هزار مقامي زائرين عمرو ادا ڪري سگهدا پر هاڻ 18 آڪٽوبر کان ٻئي مرحلي جي شروعات ٿي رهي آهي جنهن ۾ 2 لک کان وڌيڪ مقامي زائرين  کي عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت هوندي.  ان حوالي سان  سعودي عرب جي عمري ۽ حج واري ڪميٽي جي ميمبر حاني العميري ٻڌايو آهي ته 18 آڪٽوبر کان ٻئي مرحلي ۾ اڍائي لک عمرو ڪندڙ زائرين کان علاوه 6 لک کان کان وڌيڪ عبادت ڪندڙن کي مسجدالحرام ۾ نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هوندي.  حاني العميري وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ٻئين مرحلي جي لاءِ مسجد نبوي ۾ روضه مبارڪ کان علاوه مسجد نبوي جو پراڻو حصو به کوليو ويندو. ان کان علاوه 31 مئي کان مسجد نبوي صه جي صرف ورانڊي ۾ نماز جي ادائيگي  جي اجازت هئي.

Read Previous

بنگلاديش ۾ جنسي زيادتي جي ڏوهارين کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هلندڙ سال بابر اعظم دنيا جي سمورن رانديگرن کان گوءِ کڻي ويو

Most Popular