پي ٽي اي ۽ ٽڪ ٽاڪ انتظاميه ۾ ڳالهين جي شروعات

اسلام آباد:   پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) ۽ موبائل ايپ ٽڪ ٽاڪ ۾ غير اخلاقي مواد هٽائڻ جي حوالي سان ڳالهيون شروع ٿيون آهن.  پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٽڪ ٽاڪ جي اعليٰ ذميوارن ۽ چيئرمين پي ٽي اي جي وچ ۾ اڄ ورچوئل ميٽنگ ٿيڻي آهي. پي ٽي اي موجب ميٽنگ ۾ پاڪستاني قانون موجب غير اخلاقي مواد کي روڪڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٽڪ ٽاڪ انتظاميه طرفان مقامي قانون موجب پابندي پيل مواد کي روڪڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽  قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.  ان موقعي تي ٻنهي ڌرين طرفان قابض اعتراض مواد کي روڪڻ ۽ پاڪستاني صارفين کي محفوظ مواد فراهم ڪرڻ بابت لائحه عمل ٺاهڻ ۽ آئنده رابطي رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) 2 ڏينهن اڳ چيني سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هلندڙ سال بابر اعظم دنيا جي سمورن رانديگرن کان گوءِ کڻي ويو

Read Next

تحريڪ انصاف سميت سموريون اپوزيشن پارٽيون جلسن جي شيڊول تي نظرثاني ڪن: اسد عمر

Most Popular