ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هلندڙ سال بابر اعظم دنيا جي سمورن رانديگرن کان گوءِ کڻي ويو

لاهور:   پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هلندڙ سال سڀني کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو. راولپنڊي جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سومر تي بابر اعظم ناقابل شڪست 64 رنسون اسڪور ڪيون جنهن سان گڏ ئي هو هلندڙ سان سڀني کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو. هلندڙ سال بابر اعظم جي گڏيل رنسن جو انگ 942 ٿي ويو آهي.جڏهن ته انگلينڊ جي ايلڪس بيلز نئين سال ۾ هينئر تائين 895 رنسن ٺاهيون آهن. آسٽريليا جو مارڪس اسٽونس 809 رنسون ٺاهي ٽئين نمبر تي آهي. هن سال پاڪستان طرفان نمايان رنسون ٺاهيندڙن ۾ ٻيون نمبر شعيب ملڪ جو آهي جنهن 2020 ۾ هينئر تائين 703 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن ته محمد حفيظ 694 رنسون اسڪور ڪيون.  بابر اعظم  هن سال هنيئر تائين 8 نصف سينچريون ۽ هڪ سينچري اسڪور ڪئي. ائين ئي هو ففٽي پلس اسڪور سان گڏوگڏ ان لسٽ ۾ به پهرين پوزيشن تي آهي. پاڪستان  ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هن سال ٽي ٽوئنٽيز ۾ سڀني کان وڌيڪ چوڪا لڳائيندڙ بيٽسمين به آهي. هن هلندڙ سال هينئر تائين 108 چوڪا لڳايا جڏهن ته ڪوبه ٻيو رانديگر 100 چوڪا به لڳائي نه سگهيو آهي.

Read Previous

ارڙنهن آڪٽوبر کان اڍائي لک زائرين عمري جي سعادت ماڻي سگهندا: سعودي عرب

Read Next

پي ٽي اي ۽ ٽڪ ٽاڪ انتظاميه ۾ ڳالهين جي شروعات

Most Popular