تحريڪ انصاف سميت سموريون اپوزيشن پارٽيون جلسن جي شيڊول تي نظرثاني ڪن: اسد عمر

اسلام آباد:   وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پارٽي سميت اپوزيشن پارٽين جي جلسن تي نظرثاني جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي اسد عمر چيو ته ميڊيا ڪورونا جي پکيڙ بابت پيغام پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مون ڪورونا ڪيسن جو مسئلو 10 ڏينهن اڳ ئي اٿاريو هو ۽ ان وقت اپوزيشن جي جلسي جي تاريخ سامهون نه آئي هئي. هن چيو ته آگسٽ جي وچ ۾ ڪورونا سڀني کان گهٽ سطح تي پهچي ويو هو. گذريل هفتي ڪيسن ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته سيپٽمبر جي آخري 27  ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه هو جنهن ۾ 10 يا ان کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون هجن.  آڪٽوبر جي پهرين 11 ڏينهن ۾ 4 ڏينهن ۾ فوتگيون ٿيون. ان لاءِ پاڪستان ۾ ڪورونا وڌندي نظر اچي رهيو آهي. اسد عمر چيو ته دنيا ۾ هر جڳهه ڪورونا جي شديد ٻئي لهر آئي آهي. اڳڪٿيون هيون ته ٿڌ ۾ ڪورونا ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هاڻ يورپ ۾ ڪورونا وڌندي نظر اچي رهيو آهي جنهن سبب اسان وٽ به ان جي وڌڻ جو امڪان آهي. اپوزيشن جي جلسن تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪابه اهڙي سرگرمي جنهن سان ماڻهن کي ڪوبه روزگار نه ملي رهيو هو ۽ صحت جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن بطور اين سي او سي سربراهه جي سوچينداسين ته تحريڪ انصاف جي لياقت باغ جي جلسي سميت سمورن جلسن تي پابندي لڳائي لڳايون. اسد عمر وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي پارٽين کان درخواست آهي ته جلسن تي نظر ثاني ڪن. پوءِ چاهي اها پي ٽي هجي يا ڪا ٻئي پارٽي. اسان اهڙو ڪم نه ڪنداسين جنهن سان عوام جي صحت کي خطرو ٿئي.

Read Previous

پي ٽي اي ۽ ٽڪ ٽاڪ انتظاميه ۾ ڳالهين جي شروعات

Read Next

ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي مان ڪنٽرول ٿي رهي آهي: چيف جسٽس

Most Popular