موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدار عابد ملهي چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور:    دهشتگردي جي انت واري عدالت موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي ۽ ان سان گڏ شفقت کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪرائمز انٽيليجنس ايجنسي(سي آءِ اي) ماڊل ٽائون جي ٽيم موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن جي سربراهي ايس پي سي آءِ اي عاصم افتخار ڪري رهيو هو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ پوليس ڪيس جي شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.  عدالت ڪيس تي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ جوابدار عابد ملهي کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.  سي آءِ اي جي ٽيم 14 سيپٽمبر تي موٽر وي زيادتي ڪيس جي جوابدار شفقت کي ديپالپور جي ڏوراهين ڳوٺ مان گرفتار ڪيو هو. مک جوابدار عابد ملهي کي گذريل ڏينهن فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار شفقت گرفتاري دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو جڏهن ته جوابدار جو ڊي اين اي به متاثر عورت جي رپورٽ سان ميچ ڪري ويو هو. ان کان پوءِ 15 سيپٽمبر  تي دهشتگردي جي انت واري عدالت مک جوابدار شفقت سميت گرفتار ٽنهي جوابدارن کي 29 سيپٽمبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي  ڇڏيو هو. واضح رهي ته 9 سيپٽمبر جي رات گجر پوره جي ويجهو موٽر وي تي عورت کي ان جي ٻارن جي سامهون تشدد ۽ اجتماعي زيادتي جو نشانو بنائڻ جو واقعو پيش آيو هو.

Read Previous

احتساب عدالت شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارت دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ واراو ملڪ آهي: حنيد لاکاڻي

Most Popular