ڀارت دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ واراو ملڪ آهي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته ڀارت رياستي سطح تي دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. عالمي برادري ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو فوري طور نوٽيس وٺي. ڀارتي جاسوس دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو ڀارتي دهشتگردي جو زنده مثال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته ڀارت دهشتگردن جي سرپرستي ڪندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۾ مذهبي عالمن مٿان ٿيندڙ حملن ۾ ڀارت جو هٿ آهي. ڀارت جي دهشتگرد سوچ سبب سموري دنيا لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو. ڀارت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کان خوفزدا بڻيل آهي. ڀارت چاهي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جو امن خراب ٿئي ان ڪري اهڙيون سازشون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ دنيا جي هر پليٽ فارم تان نه صرف ڀارتي دهشتگردي کي بينقاب ڪنداسين بلڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڀرپور دفعا ڪنداسين. پاڪستان امن پسند ۽ محبت ڪرڻ وارن جو ملڪ آهي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ باشعور ۽ پڙهيل لکيل عوام آهي جيڪو ملڪي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينڻ ڏيندو اسين سڀ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي هر وقت دعاگو آهيون

Read Previous

موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدار عابد ملهي چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي

Read Next

نوابشاهه : قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

Most Popular