صدارتي آرڊيننس بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاء پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي : جنرل علامه راشد محمود

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)جمعيت علماء اسلام سنڌجي سيڪريٽري جنرل علامه راشدمحمود سومرو چيوآھي ته سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاء صدارتي آرڊيننس بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاء پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي ۽ اُهو آرڊيننس آڻي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار جميعت عُلماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومروجامعه حماديه منزل گاھ سکر ۾ ميڍيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش ۾ ناڪامي بعد بوکلائجي پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاء غير آئيني صدارتي آرڊيننس آندو آهي، جنهن کي جي يو آء مڪمل طور تي رد ڪري ٿي، مولانا راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊِي ايم اي جي جلسي ۾ لکين سنڌ واسي پي ٽي آء سرڪار ۽ ان جي فيصلن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندا، هن وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت ملڪ اندر لساني قبائلي مذهبي ۽ مسلڪي بنيادن تي ماڻهن کي وڙهايو پيو وڃي، اهڙي سازش کان عوام ۽ جي يُو آء جي ڪارڪنن کي هوشيار رهڻ گُهرجي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي سندن نوجوانن جا چِچريل لاش ملي رهيا آهن ۽ حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گُم ڪيو پيو وڃي، گُمشدگين جو سلسلو بند ڪري سمورن گم ٿيلن کي ظاهر ڪيو وڃي، جي يو آء ڳواڻ راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن ها ۽ احساسِ محرومي ختم ڪئي وڃي ها ته سنڌ ۾ ٻيا نعرا نه لڳن ها، هن جو چوڻ هو ته جي يو آء پاڪستان جي سالميت جي حامي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن يا سنڌ جي قومي ڪارڪن تي ڪو ڏوھ آهي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن، هن چيو ته ڪراچي ۾ مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ اصحابن جي گُستاخي ڪندڙن خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوه ۾ مولانا کي شهيد ڪيو ويو، حڪومت جي الزامن کي قبول نٿا ڪريون، فوري طور تي مولانا ڊاڪٽر عادل جا قاتل بي نقاب ڪري گرفتار ڪيا وڃن، مولانا راشد محمود سومرو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ اندر مهنگائي بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي، داخلا ۽ خارجه پاليسي ناڪام آهي، جڏهن ته ملڪ اندر روزگار ۽ اجهو ڏيڻ جا نعرا هڻندڙ پي ٽي آئي سرڪار ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ اندر 25 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي، 20 لک گهرن کي ڊاهي ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي ۽ ڪشمير تي سوديبازي ڪئي ويئي آهي، موجوده پي ٽي آء جي وفاقي سرڪار پنهنجي حڪمراني جو حق وڃائي چُڪي آهي، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين پي ڊي ايم اي تحريڪ جاري رکندي، مولانا راشد محمود سومرو چيو ته پيپلزپارٽي کي به هاڻي پي ڊِي ايم اي جي اتحاد بعد مصلحتن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت جي ڀلي قرباني ڏيڻي پوي پر ڏيئي پيپلزپارٽي جي قيادت عوام ۾ سرخرو ٿئي، هن چيو ته نيب هاڻي انتقامي ادارو بڻجي چڪو آهي. ايف آء اي جي اڳوڻي سربراه بشير ميمڻ جي انڪشافن کانپوء نيب جي پوزيشن عوام آڏو واضع ٿي چُڪي آهي، پي ڊي ايم اي جي سربراهي جي يو آء سربراه مولانا فضل الرحمان حوالي ٿيڻ بعد ٻاهرين قوتن سان گڏوگڏ پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ نيب کي سرگرم ڪيو پيو وڃي پر واضع ٿا ڪيون ته مولانا فضل الرحمان ڏانهن نيب گردي وارو رويو سرڪار کي مهانگو پوندو. ان موقعي تي جي يو آء سنڌجوصوبائي اڳواڻ ۽ سٽي سکرجو امير مفتي سعودافضل ھاليجوي ۔مفتي اعظم مھر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Read Previous

نوابشاهه : قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

Read Next

ڇوڪرين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان فيري ھوم سکر ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي

Most Popular