نوابشاهه : قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون ٻئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، انھيءَ موقعي تي شاگردن حسنين مستوئي، سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن، سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي ٿي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھائي وڃي هنن چيو ته انتظاميه جي دهشتگري نا منظور آهي اسان ڪڏهن به آن لائن امتحان نه ڏينداسين اسان کي ريگيولر پڙهائي ڏني وڃي اسان لکين روپيا فيسون ڀريون آهن جيستائين ريگيولر پڙهائي جو اعلان نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو شاگردن وائيس چانسلر جي آفيس ٻاهران ڌرڻو ڇتي نعريبازي ڪئي.

Read Previous

ڀارت دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ واراو ملڪ آهي: حنيد لاکاڻي

Read Next

صدارتي آرڊيننس بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاء پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي : جنرل علامه راشد محمود

Most Popular