ڇوڪرين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان فيري ھوم سکر ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي

سکر(بيورو رپورٽ) ڇوڪرين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان فيري ھوم سکر ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ڇوڪرين طرفان نياڻين کي تعليم ڏيارڻ، ڪارو ڪاري واري ڪڌي رسم جي خاتمي، توڙي گھٽين، محلن، آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي حراسان ڪرڻ وارن مسئلن جي حل لاءِ ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريرون پڻ ڪيون. سکر جي فيري ھوم ۾ سماجي تنظيم مئنيجمينٽ اينڊ ڊوالپمينٽ فائونڊيشن ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ڇوڪرين جي عالمي ڏھاڙي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ نامور تعليمدان غلام حسين مڱڻھار، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سکر جي انچارج زبير احمد مھر، اي ڊي سي ٽو بشرا منصور، سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل فرزانا کوسو، فاطما، ڪرن علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تھ ٻار اسان جو اثاثو آھي تعليم، تربيت اسان جو فرض آھي، اسان اُن کي وساري ڇڏيو آھي، خاص ڪري نياڻين کي تھ نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اِھو سمجھيو ويندو آھي تھ اِھو فيملي جا ادنا فرد آھن، جيتوڻيڪ ائين ناھي نياڻيون ايتريون ئي اھم آھن جيئن پٽ آھن.  جيڪڏھن تعليم، تربيت ۽ اسان پنھنجي حقن کي سڃاڻيون تھ اسان پنھنجي ھر ٻار جو خيال ڪنداسين ۽ اِن قسم جي ڪا بھ غفلت يا ڪوتاھي نھ ٿيندي، ھنن چي وتھ نياڻي سان ناانصافيون ٿينديون آھن، واقعي وقت سڄاڻ ڌريون سجاڳ ٿينديون آھن پر بعد ۾ خاموشي اختيار ڪئي ويندي آھي، ھنن چيو تھ نياڻين کي روڊن، رستن، مارڪيٽن توڙي تعليمي ادارن ۾ بھ مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي، جنھن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اِن جي روڪٿام جي لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي سنجيدگيءَ سان تحرڪ وٺڻ گھرجي. تھ جئين نياڻيون تعليمي ادارن، روڊن، مارڪيٽن توڙي آفيسن ۾ پاڻ کي نياڻيون محفوظ سمجھن. ڇوڪرين جي سکر ۾ قائم اداري فيري ھوم جي چيئرپرسن فرزانا کوسو چيو تھ تھ اسان وٽ سجاڳي ناھي، ٻارڙن جي معامري تي ڪو بھ توجھ ناھي، گورنمينٽ بھ ڪو تحرڪ نھ پئي وٺي. تازو ئي عدالت ڇوڪرين جي لاءِ ڪو ادارو نھ ھجڻ جي نشاندھي آھي. جڏھن مان اھو ادارو کوليو تھ مختلف ڳالھيون ڪيون ويون. اِن کان اڳ فيري ھوم جي معصوم ڇوڪرين، نياڻين ۾ تعليم جي اھميت، ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم سميت  مڌي خارج رسمن جي خاتمي توڙي نياڻين کي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ وارن معامرن جي حل لاءِ ٽيبلوز توڙي تقريريون پڻ ڪيون.

Read Previous

صدارتي آرڊيننس بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاء پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي : جنرل علامه راشد محمود

Read Next

سيوهڻ شريف : ڳوٺ رائيس رسول بخش روڊناڻي برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular