باجوڙ: پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب پاڪ فوج جو حوالدار شهيد

راولپنڊيپاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو حوالدار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ۾ پاڪ افغان سرحد تي پاڪ فوج جي پوسٽ تي دهشتگردن سرحد پار کان فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب حوالدار تنوير شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ سپاهي زخمي به ٿيو آهي. ياد رهي ته پاڪ افغان بارڊر تي ڏوهارين جي اچ وڃ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪ فوج  طرفان ڪنڊيدار تارون لڳايون پيون وڃن. جنهن جو ڪم روڪرائڻ لاءِ دهشتگردن طرفان پاڪ فوج جي جوانن تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي.

Read Previous

بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

افغان آرمي جا ٻه جنگي جهاز اڏام دوران پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه، نو اهلڪار اجل جو شڪار

Most Popular