والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چوڏنهن مهينن کان پوءِ آزاد

سري نگر: :  ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي کي 14 مهينن کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو.  ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي کي گذريل سال 5 آگسٽ تي ان وقت گرفتار ڪيو هو جڏهن مودي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو هو. ڀارتي حڪومت تڪراري قانون تحت محبوبه مفتي کي بنا ڪنهن الزام جي گرفتار ڪيو هو جنهن کان پوءِ ان جي ڌيءَ پنهنجي امڙ جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. محبوبه مفتي جي ڌيءَ ٽوئٽر ذريعي پنهنجي والده جي زيادتي جي تصديق ڪئي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته منهنجي امڙ جي غيرقانوني گرفتاري آخرڪار ختم ٿي وئي آهي. هن مشڪل وقت ۾ تعاون ڪندڙ هر شخص جي ٿورائتي آهيان. محبوبه مفتي پنهنجي آزادي کان پوءِ جيل ۾ موجود ٻين ڪشميرين جي به فوري طور تي آزادي جو مطالبو ڪيو.  آزادي ماڻڻ کان پوءِ ٽوئٽر تي جاري ڪيل آڊيو بيان ۾ محبوبه مفتي چيو ته مان اڄ هڪ سال کان به وڌيڪ  وقت کان پوءِ آزاد ٿي آهيان. ان دوران 5 آگسٽ 2019 جي ڪاري ڏينهن جو ڪارو فيصلو هر وقت منهنجي دل ۽ روح ۾ اڏام ڪندو رهيو ۽ مون کي احساس آهي ته اهائي ڪيفيت جمون ڪشمير جي سمورن ماڻهن جي رهي هوندي. اسان مان ڪوبه ماڻهو ان ڏينهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستان ڇڏي جاپان منتقل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

جوبائيڊن جي پاليسي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي: ڊونلڊ ٽرمپ

Most Popular