مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: :    قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مصباح الحق وٽ قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ جا عهدا هئا پر هن هاڻ چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو هو ته عهدو ڇڏڻ جي حوالي سان مختلف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر ان ۾ ڪابه سچائي نه آهي. هن وضاحت ڪندي  ٻڌايو ته عهدو ڇڏڻ جو سبب پي سي بي چيئرمين احسان ماني يا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات نه آهي پر اهو منهنجو ذاتي فيصلو آهي. هن چيو ته ايندڙ  10 سالن ۾ 10 ڪمنٽمنٽس آهن ان لاءِ اهو عهدو ڇڏي رهيو آهيان. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مون کي آپشن ڏنو هو ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته هڪ عهدو ڇڏي سگهو ٿا. قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته چيف سليڪٽري جي ذميواري 30 نومبر تائين نڀائيندس جنهن کان پوءِ مان ڪوچنگ تي گهڻو ڌيان ڏيندس.  ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه وڏا عهدا رکڻ سبب مصباح الحق تي دٻاءُ هو ۽ کيس تنقيد جو نشانو به بنايو پئي ويو. ذريعن موجب مصباح الحق ان ڪري پريشان به هو ته جيڪي ماڻهو کيس تنقيد جو نشانو بنائي رهيا هئا انهن کي به سليڪشن ڪميٽي جو حصو بنايو ويو هو.

Read Previous

بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

Read Next

ايپل نوان فون لانچ ڪري ڇڏيا، آءِ فون ٻارنهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

Most Popular