ايپل نوان فون لانچ ڪري ڇڏيا، آءِ فون ٻارنهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

لنڊن: هڪ ڊگهي انتظار ۽ افواهن کان پوءِ ايپل گذريل ڏينهن هڪ ورچوئل ايونٽ ۾ نوان آءِ فون 12 لانچ ڪري ڇڏيا آهن. ايپل طرفان پيش ڪيل آءِ فون 12 جي لائن ايپ جا چار ماڊلز يعني آءِ فون مني، آءِ فون 12، آءِ فون 12 پرو ۽ آءِ فون 12 پروميڪس شامل آهن ۽ سمورا فائيو جي ڪنيڪٽيويٽي سان گڏ آهن. آءِ فون 12 ۾ هن ڀيري فائيو جي ڪنيڪٽيويٽي جو اضافو ڪيو ويو آهي جيڪو ايپل ڊيوائس ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ لاءِ ملندو. هن فائيو جي ڪنيڪٽيويٽي مان صارفين کي فاسٽ ڊائون لوڊنگ اسپيڊ ۽ گيمنگ جو بهترين تجربو ملندو. فائيو جي اوهان جي عام 4 جي سيلولر ڪنيڪشن مان 10 کان 100  ڀيرا تيز رفتاري سان گڏ هلندو آهي. آءِ فون جي نئين لائن اپ ۾ شامل آءِ فون 12 پرو ۾ هڪ نئين ٽيلي فوٽو لينسس جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 2.5 ايڪس اوپٽيڪل زوم فيچر هوندو جڏهن ته ان جا 12 پرو ميڪس ورن ۾ 5 ايڪس اوپٽيڪل زوم هوندو. سمورا نوان آءِ فون 12 ڪاري، سائي، اڇي، ڳاڙهي ۽ بليو رنگن ۾ دستياب هوندا. هن ڀيري آءِ فون صارفين جي لاءِ بري خبر اها آهي ته ڪمپني طرفان آءِ فون 12 خريد ڪندڙن کي ايئرپوڊز ۽ پاور ايڊاپئر يعني چارجر نه ڏنو ويندو. آءِ فون 12 مني جي قيمت 699 ڊالر هوندي، جڏهن ته آءِ فون 12 جي قيمت 799 ڊالر آهي ۽ جيڪڏهن آءِ فون 12 پروميڪس جي قيمت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اهو 999 ڊالر کان شروع ٿيندو آهي جڏهن ته 12 پروميڪس جي قيمت 1099 ڊالرن کان شروع ٿيندي.

Read Previous

مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

سجاول: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي طرفان سجاول ۾ شٽر بند هڙتال

Most Popular